ٿرڙي جو دڙو

ٿرڙي جو دڙو: ٿرڙي جو دڙو انڊس هاءِ وي تي ڳڙهي ياسين ۽ ڊکڻ جي وچ ۾ رستي سان لڳ اولهه طرف ابن اوڍي جي ڳوٺ وٽ آهي. هي دڙو تاريخ کان اڳ واري دور جو آهي. هن دڙي جي بيهڪ ۽ لڌل شين مان اهو به اندازو لڳي ٿو ته هي دڙو جهُڪر جي دڙن جو همعصر آهي. يعني موهن جي دڙي واري تهذيب جو پويون دور (1800-1500 ق. م). هي دڙو شڪارپور شهر کان 30-35 ڪلوميٽرن ۽ ڳڙهي ياسين کان اٽڪل ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. دڙو اولهه کان اوڀر طرف ساڍا ست سؤ فوٽ ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف چار سؤ فوٽ ويڪرو آهي. آسپاس جي زميني سطح کان اٽڪل 30 فوٽ اوچو آهي، علائقي جي عام ماڻهن جي چوڻ مطابق هي دڙو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ اڃا به وڌيڪ ڊگهو ۽ ويڪرو هو، پر برساتن ۽ ماڻهن جي هٿ چراند سبب ايترو وڃي بچيو آهي. مقامي روايتن مطابق هتي قبر جي کوٽائيءَ دوران کوهه جا نشان ظاهر ٿي پيا، پوءِ وري ان کي واپس لٽيو ويو. هن دڙي بابت ڪو خاص تاريخي حوالو نٿو ملي ته ڪنهن هي دڙو/شهر ٺهرايو يا ڪيئن تباهه ٿيو. البته کوٽائيءَ مان ٺڪر جون مڻيون، مٽيءَ جا ڪيڪ نما پڪل ٽڪرا، ٻاراڻين ڍڳي گاڏين جا ڦيٿا، ٺڪر جون چوڙيون ۽ انساني بتن ۾ هڪ مرد جي جسم جو مٿيون ڌڙ مليو آهي، جنهن جا وار سينگاريل، سهڻي نموني رکيل ۽ کيس ٽن گلن واري ڇاپ جي اجرڪ اوڍيل آهي. ٻيو هڪ پورهيت عورت جو بت مليو آهي، جنهن کي هڪ ٻانهن ۾ گول چوڙا ٺونٺ ۽ ڪرائيءَ وٽ پيل آهن ۽ ٻي ٻانهن ۾ ڪرائيءَ کان ڪلهي تائين چوڙيون پاتل آهن. ان ٻانهن واري هٿ ۾ هڪ ڪٽورو آهي، ڳچيءَ ۾ کيس هڪ هار ٽن پتلن وارو پيل اٿس. قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو بت ناچڻي عورت سان مشابهت رکي ٿو. پر ڪن جي راءِ آهي ته اها ديوداسي ۽ پروهت نينگري ٿي سگهي ٿي. هي دڙو سنڌ جي ثقافت جو اهم باب آهي .


لفظ ٿرڙي جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو